بلبل بيمار ناٽڪ

بلبل بيمار ناٽڪ

بلبل بيمار ناٽڪ

بلبل بيمار ناٽڪ (ڪتاب): هن ڪتاب جو پورو نالو ‘گلشن بي خار عرف بلبل بيمار’ آهي. هيءُ ڪتاب اردو مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل آهي. ڪتاب جو سنڌيڪار ڀيرومل مهرچند آڏواڻي آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ ڪردارن جا ادا ڪيل رول ڏنل آهن. 30 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ساڌو مل جشن مل 1902ع ۾ مصطفاڻي پريس لاهور مان ڇپرائي سکر نئين مان پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 3 آنا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو